احسن ڪربلائي

احسن ڪربلائي

احسن ڪربلائي

احسن ڪربلائي: مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي ولد مرزا دوست محمد پهرين مارچ 1897ع تي ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ ڄائو. احسن ڪربلائي مشهور شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. مرزا صاحب پنهنجي والد کان قرآن شريف ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. مرزا صاحب 1918ع کان حيدرآباد ميونسپالٽيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. جتان 1953ع ۾ آڪٽراءِ انسپيڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو ۽ پوءِ پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسڪرپٽ رائيٽر جي حيثيت سان گذاريائين. احسن ڪربلائيءَ شاعريءَ جو آغاز، 1914ع کان شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪيو. پهريائين تخلص ”ظفر“ اختيار ڪيائين ۽ پوءِ ان کي ”احسن“ ۾ تبديل ڪيائين. شاعريءَ جي فن ۾ پهريائين پنهنجي والد ۽ پوءِ حافظ شاهه، مرزا قربان علي بيگ ۽ مرزا مدد علي بيگ کان رهبري حاصل ڪندو رهيو. سندس ڪلام حمد، نعت، قصيدو، مرثين، سلام، غزل، نظم، مثنوي وغيره تي مشتمل آهي. مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي 28 اپريل 1962ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. سندس فرزند ممتاز مرزا پڻ سنڌي ادب ۽ ثقافت جي ميدان ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان سواءِ سندس ڀاڻيجا ميرزا عباس علي بيگ ۽ مراد علي ميرزا وڏا عالم رهيا آهن.


لفظ احسن ڪربلائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.00.00  عيسوي

احسن ڪربلائي: مرزا گل حسن بيگ ” احسن “ ڪربلائي ولد مرزا دوست محمد پهرين مارچ 1897ع تي ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ ڄائو


1962.04.28  عيسوي

مرزا گل حسن بيگ ” احسن “ ڪربلائي 28 اپريل 1962ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو . سندس فرزند ممتاز مرزا پڻ سنڌي ادب ۽ ثقافت جي ميدان ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون . ان کان سواءِ سندس ڀاڻيجا ميرزا عباس علي بيگ ۽ مراد علي ميرزا وڏا عالم آهن .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالله چنا خانصاحب
بودلو بهار
بدر ابڙو
شيخ لاڏ جيو پاٽائي
جوڻيجو شاهنواز
عبدالمجيد جمالي
پاٽائي محمود صديقي
اي اين جي عباسي
صغران بي بي
پهلاج راءِ مسافر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون